مضامین

امير المومنين علي عليه السلام جا فضائل
عامر بن سعد بن وقاص پنھنجي بابي کان روايت ڪئي آھي تہ ھڪ ڏينھن معاويه بن ابو سفيان، سعد بن ابي وقاص کي حڪم ڏنو ته وٽس اچي ۽ پوءِ کانئس پڇيو: ڪھڙي ڳالھ جي ڪري علي کي گار گند نه ٿو ڪرين؟
سعد چيو: ان ڪري جو رسول خدا صلي الله عليه وسلم کان علي جون ٽي فضيلتون ٻڌيون اٿم انھن تي ڌيان ڏيڻ سبب ڪڏھن به علي کي گھٽ وڌ نه ٿو ڳالهائي سگھان. جيڪڏھن انھن مان ڪا ھڪ فضيلت به مون کي نصيب ٿئي ھا ته اھا مون لاءِ ڳاڙھن وارن واري اٺن کان بھتر ۽ برتر ھجي ھا. اھي ٽي فضيلتون ھي آھن
1_ ھڪڙي جنگ ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنھنجي جاءِ تي علي کي مديني ۾ ڇڏيو. حضرت علي چيو: اي الله جا رسول ڇا مون کي عورتن ۽ ٻارن ۾ ڇڏيون ٿا وڃو؟ رسول خدا صلي اللہ عليہ و آله وسلم فرمايو: ڇا تون ان ڳالھ ۾ خوش ۽ راضي ناھين ته تنھنجي مون سان اھا نسبت ھجي جيڪا ھارون جي موسي سان ھئي
ان فرق سان ته مون کان بعد ڪو نبي نه ايندو.؟
2_ جنگ خيبر ۾ رسول خدا صلي اللہ عليہ و آله وسلم کان ٻڌم ته فرمايائون پئي: اسلام جو پرچم ان شخص جي ھٿن ۾ ڏيندس جيڪو الله ۽ رسول سان محبت ڪندو ھوندو ۽ الله ۽ رسول ان سان محبت ڪندا ھوندا. اھا ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ اسان سڀ اھا عظيم فضيلت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم ھئا سين، ٻئي ڏينھن تي رسول خدا صلي اللہ عليہ و آله وسلم علي کي پاڻ وٽ گھرايو. علي ان حال ۾ پيغمبر اڪرم ص وٽ آيو جو کيس اکين ۾ سور ھئو، رسول اڪرم ص سندس اکين تي لعاب دهن ھنيو، کيس اکين جي سور مان ڇوٽڪارو مليو ۽ اسلام جو پرچم جيڪو الله جي نصرت جي يادگار ھئو سندس حوالي ڪيو، ان مھل لشڪر اسلام کي فتح ۽ ڪاميابي حاصل ٿي.
3_ جنھن وقت (مباھلي واري) آيت فقل تعالوا ندع ابنائنا و ابنائکم، نازل ٿي…رسول اڪرم (ص) علي، فاطمه، حسن ۽ حسين رضي الله عنھم کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ فرمايو: هي منهنجا اهل بيت آهن. (صحيح مسلم، جلد 4، ص 1871)