تحرير: اشفاق حسين چانڊيو
نھج البلاغه دنيا جي تمام فصيحن جي سرواڻ، خطيبن ۽ بليغن جي استاد، ادييبن ۽ ليکڪن جي معلم، باب مدينة العلم اميرالمؤمنين مولا علي عليه السلام جو اھو عظيم علمي معجزو آهي، جيڪو دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سبب آيل علمي عروج باوجود بہ ھر گذرندڙ سج سان پراڻو ۽ بي مطلب ٿيڻ بجاءِ ويتر علم و آگھي جي عاشقن جي محبتن جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي، نھج البلاغه اسلامي، ادبي، اخلاقي، اجتماعي، سياسي، تاريخي، معاشي ۽ اقتصادي مطلب ته دنيا جي تمام علمن تي مشتمل ھڪ اڻ کٽ، ڇوليون هڻندڙ ۽ موجزن علمي سمنڊ آهي، جيڪو اڄوڪي پريشان ۽ مضطرب دنيا لاء مشعل راه ۽ راہ نجات آھي. ۽ ڇو نہ ھجي، جو ھي ڪنھن عام انسان جو ڪلام نه بلڪه عرب جي وڏي ڏاھي، اديب ۽ شاعر، اسلام جي محسن ھستي جناب ابو طالب عليه السلام جي نور نظر، امام الڪلام مولا علي عليه السلام جو عظيم ڪلام الامام آھي، جنھن لاءِ فرمايو ويو آهي ته
« تحت ڪلام الخالق و فوق ڪلام المخلوق « يعني ھي ڪلام خالق جي ڪلام کان ھيٺانھون ۽ مخلوق جي ڪلام کان مٿانهون ڪلام آھي، جيڪو نہ رڳو عربي ادب جو خزانو آهي بلڪہ قرشي ۽ ھاشمي فصاحت و بلاغت جو لازوال نمونو بہ آھي، جيڪو تمام علمن جو مجموعو ۽ سرچشمو بہ آھي، جنھن ۾ حڪمت، تدبير، سياست، معاشيات و اقتصاديات، طبيعات و نفسيات، اخلاق و موعظه حسنات، علم رجال، حڪومت سازي، عدل و انصاف ۽ سماجي برابري، عسڪري قيادت ۽ جنگي مھارت، سميت سوين موضوعات تي سير حاصل گفتگو ڪئي وئي آهي، تاريخ انسانيت جون عظيم علمي شخصيتون افلاطون کان وٺي سقراط تائين ۽ عرب سرزمين جي علمي ۽ ادبي تھذيب جي اوج جي علامت شاعر عمر ابن ڪلثوم کان زبير بن نابغه ۽ امراءالقيس تائين، جن آڏو دنيا ادب جا گوڏا کوڙي ٿي، سي بہ مولا جي فصاحت و بلاغت آڏو گونگا ۽ سندن ڪلام اڳيان سجدہ ريز ٿا نظر اچن، ھي دنيا جو اھو واحد ڪلام آھي جنھن ۾ تمام علمي موضوعن تي ڪمال مھارت ۽ عظيم دسترس سان لب ڪشائي ڪئي وئي آهي، ور نہ تہ دنيا جي تمام انسانن جي فڪرن جو جڏهن جائزو وٺنداسين ته خالق اڪبر ھر ھڪ کي سندس صلاحيتن مطابق ھڪ خاص علم ۾ مھارت عطا فرمائي ھوندي آھي، ڪنھن کي فلسفي تي دسترس ڏني ھوندائين ته ڪنهن کي حڪمت جي علم جي ڄاڻ بخشي اٿائين، ڪو خطيب تہ ڪو اديب، بس جيئن ڪو شاعر تہ پنھنجي ڪلام ۾ ڪمال رکي سگھي ٿو پر ساڳي وقت ھو علم فلسفہ ۽ علم رجال ۾ اھا مھارت نہ ٿو رکي سگھي ۽ اھو ممڪن ئي ناھي تہ ڪو ھڪ شخص ھر علم ۾ مھارت ماڻي سگهي، پر ھي دنيا جي واحد انسان جو ڪلام آھي، جتي انساني عقل دنگ رھجي ٿو وڃي تہ ھڪ ئي وقت ۾ ھڪ ئي انسان دنيا جي ھر علم تي ساڳئي ڪمال ۽ مھارت سان ڪيئن دسترس ٿو رکي سگھي، ھا دوستو اھو صرف مولا علي عليه السلام جو ئي معجزو ۽ طرہ امتياز آھي، جنھن نھج البلاغه ۾ علم جا سمنڊ وھايا آھن، ۽ اھڙي علمي بحر بيڪران تي قلم کڻڻ ۽ لب ڪشائي ڪرڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جي برابر ء نا ممڪن آهي، مالڪ ممبر سلوني ۽ باب مدينة العلم پنهنجي ڪلام نھج البلاغه ۾ لڳ ڀڳ 18 ھزار موضوعن تي گفتگو ڪئي آهي. مولا 111 آيتن ۽ 38 حديثن جو حوالو ڏنو ۽ 12 دعائن ڏانهن اشارو ڪيو آھي. 43 جاين جا نالا، 15 قسم جي معدنيات جو ذڪر، 20 قسمن جي نباتات جي ڄاڻ، 12 قسم جي ستارہ و افلاڪ جو بيان، 65 قسم جي جانورن جو ذڪر ۽ 167 مختلف افراد جو تذڪرو پڻ ڪيو آهي، نھج البلاغه کي سيد رضي شريف تاليف فرمايو، ھن مھل تائين نھج البلاغه تي ڏيڍ سئو کان بہ مٿي شرحون لکجي چڪيون آهن جڏھن تہ ان جا 370 ترجما ۽ تفسير بہ ڪيا ويا آهن.
نھج البلاغه جي فصاحت و بلاغت ۽ جاذبيت جو اندازو انھي ڳالھ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته اھل سنت جو عالم دين ابن ابي الحديد معتزلي جنھن پڻ نھج البلاغه تي شرح لکي آھي، چوي ٿو ته مون نھج البلاغه جي ھڪ خطبي کي ٻہ سو مرتبہ پڙھيو پر ھر مرتبہ بور ٿيڻ يا دلچسپي گھٽجڻ بجاءِ تجسس، عشق ء پياس وڌي ۽ عيسائي مصنف ۽ وڪيل جارج جرداق مطابق ھن بہ نھج البلاغه کي ٻہ سو دفعا پڙھيو، ۽ مولا علي ع جي شان م ڪتاب لکيو «علي ع انساني عدالت جو آواز» پر افسوس جو اسان پنهنجي مولا جي اھڙي گوھر ناياب کي اڃا اھا اھميت ناھي ڏني جيڪا ڏيڻ گھرجي ها،،
Total Users : 6218