متنازعہ توھين صحابہ بل ۽ شيعان حيدرڪرار…

عبدالرزاق بلوچ
لاڙڪاڻو…

شيعان حيدرڪرار تازي پاس ٿيل "توھين صحابہ ۽ اھل بيت” بل کي متنازعہ ڇو ٿا چون؟؟
ڇا خدانخواستہ شيعہ نعوذ بالله اھل بيت اطھار ۽ با وفا اصحاب جي توھين جا قائل آھن؟؟
ھن بل ۾ آخر اھا ڪھڙي ڳالھ آھي جنھن سبب شيعہ ھن بل کي متنازعہ قرار ڏيندي رد ٿا ڪن؟؟
ان حوالي سان ھيٺ بيان ڪيل بنيادي نڪتن کي نظر ۾ رکڻ ۽ غور ڪرڻ تمام ضروري آھي…..
1. شيعہ مڪتب جي فقيھن جي واضح فتوا موجود آھي تہ ڪنھن عام ماڻھوءَ جي توھين ڪرڻ ناجائز ۽ حرام آھي…. پوء پاڪ پيغبر صلي الله عليه وآله وسلم جي وفادار اصحاب جي توھين ڪيئن جائز ھوندي… ان حوالي سان آيت الله العظمي سيد علي خامنہ اي ۽ آيت الله العظمي سيد علي حسيني سيستاني بلڪل واضح ۽ چٽن لفظن ۾ چيو آھي تہ اھل سنت ڀائرن جي مقدسات جي توھين ڪرڻ حرام آھي….
2. رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ازواج ۽ صحابہ جي توھين بلڪل حرام ۽ ناجائز آھي….. اھل سنت وارا اسان جا ڀائر آھن….
👈پوء اھل تشيع ھن بل کي متنازعہ ڇو ٿا چون؟؟ ڇا اھل سنت وارا ھن بل جي حق ۾ ۽ شيعہ مخالفت ۾ آھن؟؟ ھن بل کي شيعہ سني مخالفت ۽ اشو سبب متنازعہ ٿو چيو وڃي؟؟؟
نہ نہ ايئن بلڪل بہ ناھي…….
✅بلڪہ حقيقت اھا آھي تہ ھن بل ۾ ڪجھ نڪتا اھڙا آھن جيڪي سڀني مسلمانن وٽ علمي اعتبار کان اختلافي آھن… ۽ انھن نڪتن بابت جيسيتائين ڪو واضح، متفقہ ۽ مدلل موقف اختيار نہ ٿو ڪيو وڃي ھي بل متنازعہ ئي رھندو…..

⬅️ پنج اھم نڪتا جنھن سبب ھي بل متنازعہ آھي ۽ رھندو…..

1️⃣ پھريون نڪتو: صحابي ھئڻ جو معيار ڇا رھندو؟ صحابي ڪير آھي ۽ ان جي وصف ۽ تعريف ڪھڙي آھي؟
ھي ھڪ اھڙو سوال آ جنھن جي جواب ۾ اھل سنت جي اھل علم وٽ اڄ تائين اختلاف موجود آھي…. ڇا فقط اھو ئي صحابي ھوندو جنھن رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم کي ڏٺو ھجي ۽ مسلمان ھجي…… ان کان پوء ڀلي ھو ظالم ھجي…. عادل نہ ھجي ۽ ڪرپٽ ھجي…. ڇا اھو سڀ ڪجھ ھلي ويندو؟؟
رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي ڏسڻ کان علاوہ ڪھڙن شرطن ۽ معيارن جو ھئڻ لازمي آھي؟؟؟
♦️اھو ھڪ اھڙو اختلافي بحث آھي.. جيڪو ھن بل کي اختلافي ۽ متنازعہ بڻائي ٿو…. جيسيتائين صحابيء جي ھڪ وصف ۽ تشريح تي اتفاق نہ ٿو ٿئي تيسيتائين ھي بل متنازعہ رھندو…..

2️⃣ ٻيو نڪتو: ڇا فقط صحابي جي ٽائيٽل ۽ ليبل جي ڪا فضيلت آھي؟ تاريخ اسلام ۾ اھڙن لاتعداد غير صحابي ماڻھن جا نالا موجود آھن جن صحابيت جي ليبل کي ڪيش ڪرائڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي آھي…. ان سلسلي ۾ آيت الله آصف محسني جو ڪتاب (۱۲۰ جعلي اصحاب) پڙھي سگھجي ٿو…..
ھي بہ ھڪ وڏو سوال آھي تہ جھڙي ريت قرآن ۽ حديث ۾ اھل البيت جو لفظ آيو آھي…. ۽ انھن سان محبت، مودت ۽ متمسڪ رھڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي…. ڇا اھڙي ريت اصحاب جو لفظ بہ قرآن ۽ صحيح حديث ۾ آيو آ… جنھن جي محبت ۽ مودت لازمي قرار ڏني وئي ھجي… جنھن سان اصحاب جي ٽائيٽل ۽ ليبل جي فضيلت ثابت ٿيندي ھجي؟؟؟
♦️اھو بہ اختلافي ۽ متنازعہ نڪتو ۽ موضوع آھي… ۽ ان سوال جي متفقہ جواب کانسوا ھي بل متنازعہ رھندو…..

3️⃣ ٽيون نڪتو: ڇا ھي قانون سمورن صحابين جي لاء آھي؟؟
ھي قانون ڇا بنا استثناء ھر قسم جي صحابي جي حق ۾ آھي… پوء ڀلي ھو چوٿين خليفہ راشد خلاف ھٿيار ۽ لشڪر وٺي مقابلي ۾ آيو ھجي؟ چوٿين خليفہ راشد جي خلاف ھڪ ڊگھي عرصي تائين مسجدن مان کليل نموني نازيبا الفاظ ڳالھرائيندو رھيو ھجي؟؟ جيڪڏھن ايئن آ تہ پوء ڀلي ۽ بري، ظالم ۽ مظلوم، عدل ۽ انصاف جو پيمانو ڪاڏي ويندو جيڪو پيمانو الله تبارڪ و تعالي ۽ سندس پياري رسول صلي الله عليه وآله وسلم ھڪ ابدي ضابطي طور ڏنو ھيو…..
پوء مسلمان دنيا اڳيان پنھنجو عادلانہ نظام ڪھڙي منھن سان پيش ڪندا؟ ۽ ڪھڙي منھن سان دنيا ۾ عدل ۽ انصاف جي قيام جي ڳالھ ڪندا؟؟
♦️ھي بہ ھڪ اھڙو اختلافي ۽ متنازعہ موضوع آھي جيڪو حل ڪرڻ کانسواءِ ھي بل متنازعہ رھندو….
4️⃣ چوٿون نڪتو: توھين جو معيار ڪھڙو آ ؟؟
ڇا اھل بيت اطھار ۽ اصحاب متعلق تاريخي واقعہ ۽ حقائق بيان ڪرڻ توھين شمار ٿيندو؟؟ جيڪڏھن ايئن آھي تہ پوء تاريخ اسلام کوڙ سارن توھين آميز واقعن ۽ مواد سان ڀري پئي آھي .. اھڙن سڀني ڪتابن ۽ انھن جي مصنفن بابت ڇا چيو ويندو؟
اگر ڪنھن صحابي اھل بيت اطھار عليھم السلام تي ڪوئي ظلم ڪيو ھجي تہ پوء ڪنھن کي مقدم سمجھيو ويندو؟
اھل بيت اطھار سان ٿيل نا انصافي کي اسلامي تاريخ جي روشني ۾ بيان ڪرڻ جيڪڏھن توھين آھي تہ اھڙي ڪا آيت ۽ صحيح روايت آھي جيڪا چوندي ھجي تہ اصحاب منجھان ظالم ۽ مظلوم جي فرق کي بيان نہ ڪيو وڃي…. قاتل ۽ مقتول جي تشخيص نہ ڪئي وڃي؟
قرآن مجيد ۾ تہ مظلوم جي مظلوميت بيان ڪرڻ جو کليل حق ڏنو ويو آھي…
(لا یحب اللہ الجھر بالسوء الا من ظلم۔۔)
♦️ھي ھڪ اھڙو سوال آھي جنھن ۾ شديد اختلاف موجود آھي… ۽ ان جو متفق جواب ڏيڻ کانسواء ھي بل متنازعہ رھندو…

5️⃣ پنجون نڪتو: ڇا ھي سزا فقط پاڪستاني قوم جي لاء آھي… يا صحابہ جي زماني جا ماڻھو بہ ھن قانون جي جڪڙ ۾ اچن ٿا؟
يعني اگر ھي اسلامي ۽ شرعي سزا آھي تہ پوء صحابہ ھڪ ٻئي تي ظلم ۽ زيادتي ڪري ويا… تہ اھي بہ ھن قانون ۾ شامل آھن… يا ھي دين ۾ نئين ايجاد ۽ بدعت شروع ڪئي ٿي وڃي؟
حضرت سعد بن عبادہ رضي الله تعالي عنہ مرندي دم تائين پھرين خليفت المسلين جي بيعت نہ ڪئي ۽ پاڻ خلافت کي علي عليه السلام جو حق سمجھندا ھئا…. حضرت ابوزر غفاري… حضرت مقداد… حضرت عمار ياسر جھڙن بزرگ اصحاب تي ظلم ڪيا ويا…. ٻيو تہ پري حضرت امام حسين عليه السلام کي سندن اھل بيت ۽ اصحاب کي وڏي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻايو ويو.. ڇا اھا توھين اھل بيت ۽ توھين صحابہ ناھي؟
يا پوء اھو مڃيو وڃي تہ ھي ديني قانون نہ بلڪہ غير ديني قانون آھي؟ اگر ايئن آھي تہ پوء اھو غير ديني قانون اسلامي جمھوريہ پاڪستان جي آئين مطابق ڪيئن ٿيندو؟؟
♦️ان سوال جو جواب بہ نہ ڏيڻ جي صورت ۾ ھي بل متنازعہ رھندو….

⛔ ھي اھڙا پنج نڪتا آھن جن جا تسلي بخش جواب نہ ڏيڻ جي صورت ۾ ھي بل پاس ڪرڻ غير دانشمندانہ ۽ ظلم تي مشتمل قدم ليکيو ويندو… ڇاڪاڻ تہ ان بل جي ظلم جو پھريون شڪار الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جا اھل بيت عليھم السلام آھن ۽ ٻيو شڪار اھل بيت عليھم السلام جا شيعہ، محب ۽ پيروڪار محب وطن پاڪستاني ٿيندا…
❤️ پر اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي تہ اھل بيت عليھم السلام جي مظلوميت کي جي لڪائڻ لاء ڪوئي بل پاس ڪيو وڃي ۽ سندن پيروڪار محب ۽ شيعہ خاموش ويٺا ھجن؟؟
❤️ اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي تہ ڪربلا مان درس حريت ۽ قيام حاصل ڪرڻ وارو حسيني ۽ ڪربلائي اھڙي ظلم تي ماٺ ڪري ويھي رھي….؟
🛑 جي بلڪل… اھي ئي اھي سبب آھن جو نہ فقط شيعان حيدرڪرار بلڪہ اھل بيت اطھار عليھم السلام سان محبت ۽ مودت ڪرڻ وارو ھر فرد ھن بل جي حق ۾ ناھي ۽ ھن کي متنازعہ سمجھي ٿو….
ھڪ مرتبو ٻيھر بلڪل کليل، واضح ۽ چٽن لفظن ۾ چئون ٿا تہ مڪتب تشيع ڪنھن عام ماڻھوءَ جي بہ توھين جو قائل ناھي…. بلڪہ ڪنھن جي توھين کي قطعا حرام ۽ ناجائز سمجھي ٿو….. ۽ اھل سنت وارا اسان جا ڀائر آھن….
پر…..
رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي اھل بيت تي ظلم، زيادتي ۽ حق تلفي ڪندڙ ڪنھن بہ شخص کي ڪڏھن بہ ڪنھن بہ صورت ۾ مڃڻ لاء ھرگز ھرگز تيار نہ ٿا ٿي سگھون….



*ھي مڪتب تشيع جو مڃيل ۽ مسلمہ عقيدو آھي*

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے